صلاح الدين مولانا

صلاح الدين، مولانا: ناليوارو صحافي مولانا صلاح الدين 5 جنوري 1935ع تي ميرٽ (هندستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ادبي گهراڻي سان هو. ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن صحافتي سفر جو آغاز 1963ع ۾ ڪيو. روزاني ‘حريت’ ۽ روزاني ‘جنگ’ صحافي طور ڪيائين. 1970ع ۾ روزاني اخبار ‘جسارت’ سان وابسته رهيو ۽ 13 سال جي وابستگي دوران ڪئي ڀيرا جيل به ڀوڳيائين. 1984ع ۾ هن هفتيوار ‘تڪبير’ رسالو جاري ڪيو. مولانا صلاح الدين هڪ بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو. هن هميشه مسلم قوميت ۽ پاڪستان جي تحفظ لاءِ پنهنجي قلم کي سچائيءَ سان استعمال ڪيو، جنهن سبب کيس پريشانيون ڏسڻيون پيون. سندس گهر ۽ آفيس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. هن لساني سياست ۽ دهشتگرديءَ جو هميشه مقابلو ڪيو. صحافت جي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ سبب کيس ڏيهي ۽ پرڏيهي اعزازن سان نوازيو ويو. سندس خدمتن عيوض 14 آگسٽ 1997ع تي ستاره هلال امتياز سان نوازيو.4 ڊسمبر 1994ع تي اخباري آفيس کان گهر ويندي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.05  عيسوي

ناليوارو صحافي مولانا صلاح الدين 5 جنوري 1935ع تي ميرٽ (هندستان) ۾ پيدا ٿيو.


1997.08.14  عيسوي

مولانا صلاح الدين کي سندس خدمتن عيوض 14 آگسٽ 1997ع تي ستاره هلال امتياز سان نوازيو ويو.


1994.12.04  عيسوي

مولانا صلاح الدين 4 ڊسمبر 1994ع تي اخباري آفيس کان گهر ويندي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسام سومرو
برڪاتي مسعود احمد
خير محمد کوکر
ظفر علي خان مولانا
امام علي ڏيٿو
علي قاضي
صلاح الدين مولانا
اخلاق جوکيو
لطف علي دَل
سرفراز وسطڙو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون